محمد صالح سومرو

محمد صالح سومرو

محمد صالح سومرو

محمد صالح سومرو: نامور شاعر ۽ استاد محمد صالح ولد عبدالقادر سومرو، 4 اپريل 1941ع تي نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده قنبر شهدادڪوٽ) ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ديني مدرسي مسلم اسڪول نصيرآباد مان پنهنجي ناني مولوي عطا محمد سومري وٽان، سنڌي فائينل 1956ع ۾ مسلم اسڪول بازاري ڪانڌڙا، نصيرآباد مان حاصل ڪري 2 آڪٽوبر 1958ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو. جنهن دوران 1966ع ۾ فافضل اردو پنجاب صوبي جي لاهور بورڊ، 1972ع ۾ بي اي، 1975ع ۾ ايم.اي اسلامڪ ڪلچر جا امتحان ڏنائين. ان کان علاوه منشي فارسي، منشي عالم فارسي، منشي فاضل فارسي ۽ مولوي عربيءَ جا امتحان به پاس ڪيا. محمد صالح سومري ادبي دنيا ۾ 1956ع ۾ پير پاتو. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هن 1974ع ۾ ’بزم مهراڻ ادب‘ جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي مشاعرا ۽ مختلف شاعرن سان ادبي رهاڻين جا پروگرام ڪرايائين. 1973ع ۾ نوڪريءَ ۾ ترقي ماڻي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصيرآباد ۾ HST مقرر ٿيو، جتان 2001ع ۾ 17 اسڪيل تان رٽائر ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’تحفه عيدالاضحى‘، ’سوغات محبت‘ (علم عروض بابت: 2001ع)، ’اڻ وسرندڙ ڳالهيون‘ (2009ع)، ’فيضان محبت‘ (ٻاونجاهه اکري: 2013ع)، ’فيضانِ علم‘ (سفرنامو)، ’هڪ سؤ عظيم انسان‘ ۽ ’غزوات ۽ سرايا‘ قابل ذڪر آهن. پاڻ هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ محمد صالح سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.04.04  عيسوي

نامور شاعر ۽ استاد محمد صالح ولد عبدالقادر سومرو، 4 اپريل 1941ع تي نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده قنبر شهدادڪوٽ) ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پريتم هنڱوراڻي
ڀيرجي ٺڪَر
سلطان شاهه:
امير خسرو
صفدر حسين ميرزا
سميع بلوچ
سليم بچاڻي
صوفي نيڀراج سوٽهڙ
خواجه نظام الدين مجددي شڪارپوري
ارم محبوب
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون